موسمي تبديليون ۽ انھن جا انساني حقن تي پوندڙ اثر…

تيزي سان ٿيندڙ موسمي تبديلن سبب آفريڪا کان ويندي ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي جي ڏڪار، ٻوڏون ، طوفانن ، شديد قسم جي برساتن ۽ مختلف وبائن ڪجھ سالن کان اھڙي تباھي مچائڻ شروع ڪئي آھي، جنھن جا نقصان ذري گھٽ پوري دنيا کي پھتا آھن.
ڪرونا وبا کان ويندي گذريل ٻن سالن ۾ يورپ ۾ وڌندڙ گرمي پد يورپ ۽ آمريڪا کي تہ متاثر ڪيو، پر ڏکڻ ڪوريا ، الجيريا، ڪروشيا ۽ آسٽريلا جي ٻيلن ۾ وڏي پيماني تي باھيون بہ ڀڙڪي اٿيون. پاڪستان ، بنگلاديش ۽ فلپائن ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا . لکين ماڻھون بي گھر ۽ بي روزگار ٿي ويا ، اربين ۽ کربين جي ملڪيتن کي نقصان پھتو.
ڇا اسان سنجيدگي سان انھن قدرتي آفتن جا سبب ڳولڻ ڪرڻ شروع ڪيا آھن؟
دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۾ انھي موضوع تي سٺي نموني ڪم ٿيڻ شروع ٿيو آھي.
پر سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نہ ئي تعليمي ادارن ۾ ان موضوع تي ڪو تسلي جوڳو ڪم ٿيڻ شروع ٿيو آھي نہ ئي وري ملڪي ۽ صوبائي سطح تي موسمياتي ادارن ڪا اھڙي سنجيدھ مھم شروع ڪئي آھي.
اسان صرف انھي ڪبوتر جيان اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن تہ خطرا ٽري ويندا ۽ اسان بچي وينداسين. جيتوڻڪ حقيقت ان ڳالھ کان ڪجھ مختلف ئي آھي.
موسمي تبديلين دنيا ۾ جيڪا تباھي آندي آھي اھا پوري انسانيت لاءِ خطري جي گھنٽي کان گھٽ ناھي.
موسمي تبديلي تي ڪم ڪندڙ گڏيل قومن ۽ ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائزيشن جي سائنسي اداري (IPCC) جي تازي روپورٽ موجب “ گرين ھائوس گيسن جي تعداد ۾ مسلسل اِضافو ٿي رھيو آھي. ساڳئي وقت تي موسمي تبديلين کي قابو ۾ ڪرڻ لاءِ ھلندڙ رٿائون ايتريون تسلي جوڳيون نہ آھن. جنھن سان گرمي پد کي c 1.5 تائين برقرار رکي سگھجي. جيتوڻڪ گرين ھائوس گيسن جي تعداد ۾ واڌارو ترقي يافتہ ملڪ وڌيڪ ڪري رھيا آھن ۽ موسمي تبديلين جي اثرن ۾ متاثر وري ترقي پذير ملڪ وڌي ٿي رھيا آھن. جيڪڏھن اسان ان کي روڪڻ چاھيون ٿا تہ اسان کي گرين ھائوس گيسن جي انگ کي 43 % گھٽ ڪرڻو پوندو.“
موسمي تبديلي جا مک ڪارڻ فوسل فيول جو ٻرڻ، زراعت ۽ ٻيلن جي گھٽائي ۽ قدرتي ماحول کي انسانن پاران تباھ ڪرڻ ئي آھن. وڏي انگ ۾ صنعتي ادارن ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي ٻرڻ ، گاڏين جي دونھن ۽ وڻن جي تڪڙي واڍي سبب ماحول ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ۽ ميٿين گيسن جي تعداد ۾ واڌ ٿي رھي. جيڪي اوزن سطح کي نقصان رسائين ٿيون ۽ سج جي گرمي جا ڪرڻا سڌي ريت ڌرتي تي پون ٿا ، جنھن ڪري موسمياتي تبديليون ٿين ٿيون. ناسا جي ھڪ رپورٽ موجب “ ھن وقت گرمي پد جنھن رفتار سان وڌي رھيو آھي ايتري جلدي سان واڌ گذريل 10،000 سالن ۾ ڪڏھن بہ ناھي وڌي.“
ان ڪري موسمي تبديلي جا نقصان جتي عالمي سطح تي محسوس ٿي رھيا آھن اتي غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن جا ماڻھو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. انھن ملڪن جي عوام کي اڳ ۾ ئي انساني حق پوري ريت مليل ناھن ھوندا مٿان وري موسمي تبديلين سبب انھن کان بچيل حق بہ کسجي وڃن ٿا.
ماحولياتي تحفظ جي لاءِ انساني حقن جي تنظيمن ۽ ماحولياتي تنظيمن طرفان صحتمند ماحول کي ھڪ بنيادي انساني حق تسليم ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ 28 جولائي 2022ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي طرفان سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل رايا سان “ صاف ، صحت مند ۽ پائيدار ماحول کي بنيادي انساني حق تسليم ڪيو ويو آھي. “q
تنھن ڪري ترت ئي موسمي تبديلين کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ انساني حقن جي تحفظ لاءِ بہ ضروري آھن. ڇاڪاڻ تہ موسمي تبديلين جو انساني حقن سان بہ گھرو لاڳاپو آھي. جيڪڏھن دنيا جو ڪوبہ ملڪ انھي عمل جي روڪڻ لاءِ ڪم نہ ٿو ڪري تہ مستقبل ۾ اھو ملڪ وڏي سطح تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث ٿي سگھي ٿو.
ڇاڪاڻ تہ موسمي تبديلي سبب پوري دنيا ۾ يو ڊي ايڇ آر ذريعي مليل ھيٺيان بنيادي انساني حق متاثر ٿين ٿا.
موسمي تبديلي ۽ زندگي جو حق:
گڏيل قومن انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي پھرين شق موجب “ ھر انسان کي زندگي،آزادي ۽ وقار جو حق حاصل آھي “
پر موسمياتي تبديلين سبب ڌرتي جي گولي تي اربين انسانن جو اھو حق خطري ۾ پئجي رھيو آھي. موسمي تبديلي سڌي ۽ اڻ سڌي ريت انسانن جي انھي بنيادي حق کي سخت متاثر ڪري رھي آھي. شديد برساتون ، ٻوڏون، طوفان، زلزلا ۽ وڌندڙ گرمي پد تہ ان کي سئين سڌي ريت متاثر ڪن پيا پر ساڳئي وقت تي کوڙ سارا اھڙا جز جيڪي ظاھري طرح تہ اسان کي نظر نہ ٿا اچن پر اھي انتھائي خطرناڪ طريقي سان زندگيءَ جو حق کسي رھيا آھن.
ورلڊ ھيلٿ آرگنائزیشن جي جي ھڪ اندازي موجب “ موسمياتي تبديلين سبب سن 2030ع کان 2050ع تائين 250،000 ماڻھو زندگي وڃائي سگھن ٿا.
اھڙي ريت جي اسان سن 2022ع ۾ پاڪستان تي نظر وجھون تہ سرڪاري انگن اکرن موجب 1700 ماڻھو برساتن ۾ اجل جو شڪار ٿيا آھن.
ساڳئي وقت ملاوي Malawi) ۾ ايندڙ طوفان ۽ برساتن سبب 203 ماڻھو زندگي جي حق کان محروم ٿي ويا ۽ وبائي بيمارين سبب 1631 ٻار پڻ متاثر ٿيا.
موسمی تبدیلي ۽ صحت جو حق:
گڏيل قومن انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي شق 25 موجب انساني بنيادي حقن ۾ مڙني انسانن کي پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان جي صحت ۽ تندرستي لاءِ مناسب ميعاري زندگي جو حق حاصل آھي، ان ۾ خوراڪ، لباس، رھائش ۽ طبي سھولتون اچي ويا.
9 جنوري 2023ع تي يونيسف پاران جاري ڪيل ھڪ بياني ۾ چيو ويو آھي تہ سن 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سبب دنيا جي 27 ملڪن جي 27.7 ملين ٻارن جي حياتي کي اڃان بہ خطرو آھي.
موسمي تبديلي ۽ تعليم جو حق:
گڏيل قومن جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي شق 26 موجب سڀني انسانن کي بنيادي مفت تعليم جو حق حاصل آھي.
اھا الڳ ڳالھ آھي تہ دنيا جي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن جا اڪثر ڏتڙيل طبقي جا ماڻھو لڳ ڀڳ سمورن انساني حقن کان ئي محروم ھوندا آھن. پر تنھن ھوندي بہ بنيادي تعليم فراھم ڏيڻ ھر رياست جي ذميواري آھي.
موسمي تبديلين جي اثرن برساتن، خوفناڪ طوفانن، زلزلن، ٻوڏن، باھين ۽ بيمارين سبب وڏي تعداد ۾ ٻار انھي حق کان محروم ٿي وڃن ٿا.
آفت سٽيل علائقن ۾ وسيلن جي کوٽ ۽ غربت سبب اتان جا رھواسي اڪثر ڪري لڏپلاڻ ۽ خانہ بدوشي، جو رستو اختيار ڪن ٿا.
جنھن جي ڪري مصوم ٻار بہ مجبوري ۾ رولاڪ ، پينو ۽ ننڍي عمر ۾ مزدور بڻجي وڃن ٿا. ان ڪري اھي پوري حياتي تعليمي حق کان محروم رھجيو وڃن ٿا. جيڪڏھن اھڙي صورتحال نہ ٿئي ٿي تہ بہ لڏپلاڻ، مسلسل دربدري ۽ والدين طرفان وقت جي کوٽ سبب ڌيان ڏيڻ جي ڪري بہ ٻارن جي تعليم تي پڻ ناڪاري اثر پون ٿا.
موسمي تبديلين سبب ڪجھ ترقي پذير ملڪن تي تہ معاشي بحرانن بہ وڌي ويندا آھن. جنھن ڪري اھي پنھنجن محدود وسيلن سبب تعليم جي شعبي تي وڌيڪ خرچ ناھن ڪري سگھندا. سال 2020ع جي آگسٽ ۾ پڌري ٿيل يونيسف جي رپورٽ موجب دنيا ۾ 1.1 کرب ڏھ لک ٻار موسمي تبديلين سبب تعليمي حق کان محروم ٿي سگھن ٿا.
پاڪستان ۾ گذريل سال جي برساتن ۾ 27000ھزار اسڪولن جون عمارتون تباھ ٿي ويون آھن ، جنھن ڪري 20 لک ٻار تعليم حاصل ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي ويا آھن.
موسمي تبديلي ۽ رھائش جو حق:
اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون تہ دنيا جي سمورن انسانن کي پنھنجي ۽ پنھنجي خاندانن لاءِ مناسب رھائش سميت مناسب معيار زندگي جو حق حاصل آھي . جڏھن تہ معاشي ، سماجي ۽ ثقافتي حقن جي عالمي معاھدي جي شق نمبر 11.1 موجب مناسب رھائش کي معيار زندگي جي ھڪ حصي طور مڃيو ويو آھي .
جون 2020ع ۾ منظور ٿيل انساني حقن جي ڪونسل جي ٺھراءٌ جي شق نمبر 43_14 موجب “ رياستن کي ماحولياتي تبديلين دوران بچاءُ وارين پاليسن ۽ حڪمت عملين ۾ مناسب رھائش جي حق کي ضرور سامھون رکڻ گھرجي ، گڏوگڏ متاثر آبادي جي رھائش کي يقيني بڻايو وڃي “
پر موسمي تبديلين سبب رونما ٿيندڙ واقعن ٻوڏ ، طوفان ، زلزلي ۽ باھ سبب دنيا ۾ اربن جي انگ ۾ انسان انھي بنيادي حق کان محروم ٿيو وڃن ٿا. گڏوگڏ سامونڊي سطح ۾ چاڙھ سبب ساحلي علائقن ۾ رھندڙ مھاڻن ۽ آباد ٿيل شھرن ۾ رھندڙ ٻين ماڻھن جي اجھن جي سخت متاثر ٿيڻ جو خطرو موجود آھي. رڳو سن 2022ع جي برساتي تباھڪارين سبب پاڪستان ۾ 10 لک کان مٿي ماڻھو بي گھر ٿي انھي بنيادي انساني حق کان متاثر ٿي ويا آھن ۽
ھڪ اندازي موجب سال 2022ع جي آخري ميھنين دوران نائيجيريا ۾ 840000 ماڻھو بي گھر ٿي ويا آھن.
موسمی تبدیلي ، صاف پاڻي ۽ صفائي جو حق:
28 جولائي 2010ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل ٺھراءُ موجب
صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي حق کي بنيادي انساني حق تسليم ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ سن 2015ع ۾ جنرل اسيمبلي ۽ انساني حقن جي ڪائونسل الڳ الڳ ٻنھي کي بنيادي انساني حق قرار ڏنو آھي . گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کي پابند ڪيو آھي تہ اھي سڀني انسانن کي بنا ڪنھن بہ فرق جي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪن.
مگر برف جو تيزي سان ڳرڻ ، گھٽ يا وڌ برساتون، وڌندڙ گرمي پد، سمنڊ جي سطح ۾ اضافو ھن ڳالھ جي نشاندھي ڪري ٿو تہ، موسمي تبديلين سبب آبي ذخيرا متاثر ٿي رھيا آھن. گڏوگڏ برساتن ۽ ٻوڏن دوران انھن ڪارخانن ۽ اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ گدلو آلودھ ۽ زھريلو پاڻي جيڪو درست نموني صاف يا ذيايع نہ ٿو ڪيو وڃي اھو مختلف آبي ذخيرن ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب سموري آبي ذخيري جي پاڻي کي زھريلو بڻائي ڇڏي ٿو. جنھن ڪري مختلف بيماريون پکڙجن ٿيون .
ھڪ اندازي موجب دنيا ۾ 785 ملين ماڻھو انھي حق کان محروم آھن ، موسمياتي تبديلين سبب انھي انگن اکرن ۾ واڌ جو واضع امڪان موجود آھي. جڏھن تہ سال 2030ع تائين 700 ملين ماڻھو صرف پاڻي جي وسيلين جي کوٽ سبب بي گھر ٿي سگھن ٿا.
جڏھن تہ پاڪستان ۾ بہ موسمي تبديليون پاڻي جي ذخيرن کي متاثر ڪري رھيون آھن.
سنڌو درياھ جيڪو پاڪستاني ۾ پاڻي جو مک ذريعو آھي موسمي تبديلين سبب ان ۾ ڪڏھن چاڙھ تہ ڪڏھن لاٿ ٿي رھي آھي. گڏوگڏ زھريلي ۽ گدلي پاڻي جي ڇوڙ سبب اھو انساني سخت متاثر ٿي رھيو آھي تازي بيانن موجب پاڪستان جي 80 سيڪڙو آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي جي حق کان محروم آھي.
مستقبل ۾ بلوچستان ۽ سنڌ صوبي جي لاڙ وارن علائقن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي سگھي ٿئي.
موسمي تبديلي ۽ ترقي جو حق:
گڏيل قومن جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي موجب سمورن انسانن کي ترقي ڪرڻ جو ۽ ذاتي ملڪيت جو حق حاصل آھي. پر موسمي تبديلين سبب انسانن جو اھو بنيادي حق بہ متاثر ٿئي ٿو.
پاڪستان ۾ 2022ع واري برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3.7 کان 4.00 تي بيٺل غربت جي شرح 8.4 کان 10.1 تائين پھتي آھي. جڏھن تہ غربت جي شرح کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻھن جي تعداد ۾ 20 کان 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي. جيڪو موسمياتي تبديلي جي ترقي جي حق ۾ رنڊڪ جو واضح مثال آھي.
جڏھن تہ سن 2022ع ۾ موسمي تبديلين جي نتيجي ۾ پوندڙ برساتن ۾ يمن ۾ 73854 گھر متاثر ٿيا آھن.
موسمي تبديلي ۽ خوراڪ جو حق:
گڏيل قومن جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي شق 25موجب ۽ معاشي ، سماجي ۽ ثقافتي معاعدي جي شق 11 موجب کاڌ خوراڪ جي حق کي بنيادي انساني حق تسليم ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ ڪيترن ئي ملڪن جي آئين ۾ ھن حق کي قانوني تحفظ بہ حاصل ٿيل آھي.
دنيا جا اھي حصا جيڪي پاڻي جي قلت جو شڪار آھن . انھن علائقن ۾ موسمي تبديلي سبب پاڻي جي وڌيڪ قلت، ٻوڏ ، شديد طوفانن، وڌندڙ گرمي پد ، مختلف زراعت دوست ڪيڙن ماڪوڙن ۽ زمين کي زرخيز بنائيندڙ بيڪٽريا جھڙوڪ (Earth worm)جي موت ۽ فصلن ۾ مختلف بيمارين جي واڌ ٿئي ٿي.
يا ريگستاني ۽ جابلو علائقن ۾ گرمي جي واڌ سبب ماڪڙ جا ڪٽڪ زراعي علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪن ٿا.
جنھن جي ڪري پوکن کي نقصان رسي ٿو.
يا دنيا جا اھي ملڪ جن ۾ گرمي جو درجو پھريائين وڌيڪ آھي جھڙوڪ آفريڪا کنڊ جا ڪجھ ملڪ يا وري ڏکڻ ايشيا جي سامونڊي پٽي وارا علائقا اتي ڪڻڪ جي فصلن کي نقصان رسي ٿو. بنگلاديش ۽ سريلنڪا جا اھي علائقا جتي چانورن ۽ ناريل جي پيدوار ٿئي ٿي. اتي ٻوڏ ۽ طوفان سبب انھن فضلن کي نقصان رسي ٿو.
تنھن ڪري گھٽ پيداور سبب ھڪ اندازي موجب رڳو آفريقا ۾ 2030ع تائين 43 ارب ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا.
ساڳئي ريت ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ اوڀر ايشيا ، ويٽنام ، فلپائين ۽ پاڪستان جي زراعي علائقن ۾ ڪيترا ئي ھاري ۽ پورھيت بک، بدحالي ۽ غربت جو شڪار ٿيندا.
سال 2021 ۽ 2022ع ۾ کاڌ خوراڪ جي شِن جي قيمتن ۾ واڌ سبب 30 ملين ماڻھو مڪمل غذائي کاڌ خوراڪ کان محروم ٿي ويا آھن.
ان ڪري ضروت ان ڳالھ جي آھي تہ موسمي تبديلين تي ڪم ڪندڙ ۽ انساني حقن جي تحفظ خاطر ڪم ڪندڙ اسان جي صوبائي ۽ ملڪي ادارن کي روايتي سستي ڇڏي فوري طور تي موسمي تبديلين کان بچاءُ ۽ روڪٿام واري مھم جو حصو ٿيڻ گھرجي. گڏوگڏ ھن موضوع تي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پڻ ڪم شروع ڪيو وڃي تہ جيئن مستقبل ۾ سنڱين قسم جي نقصانن کان محفوظ ٿي سگھون.

0 Comments